راشدي خاندان جو شجرو

راشدي خاندان جو شجرو (ڪتاب): هي ڪتاب راشدي خاندان متعلق آهي، جنهن کي سيد فيض الدين راشديءَ سهيڙيو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي راشدي خاندان سان تعلق رکندڙ نامور شخصيتن، بزرگن، عالمن، اديبن جون سوانح عمريون، خاڪا ۽ راشدي خاندان جو مڪمل شجرو ڏنل آهي. هي ڪتاب راشدي خاندان جي حوالي سان هڪ مڪمل ۽ تاريخي دستاويز آهي. هن ڪتاب ۾ ڪيتريون صديون اڳ وفات ڪري ويل بزرگن جا احوال ڏنا ويا آهن. ان کان سواءِ ڪيترن ئي نامور اديبن، شاعرن ۽ بزرگن جي سوانح عمرين سان گڏ سندن تصويرون ۽ شجرا وغيره ڏنل آهن. هن ڪتاب ۾ سيد علي مڪيءَ جي سنڌ ۾ اچڻ، سيد خدا بخش شاهه، شاهه مردان شاهه اول، پير شهاب الدين راشدي، سيد علي گوهر شاهه، پير صبغت الله شاهه راشدي، پير حسين علي شاهه راشديءَ کان ويندي پير حسام الدين راشدي ۽ ٻين انيڪ شخصيتن جا مڪمل تعارف ڏنل آهن. جڏهن ته ڪتاب جي قيمت ۽ سال ڄاڻايل نه آهي. هي ڪتاب راشدي خاندان جي حوالي سان هڪ تاريخي اهميت رکي ٿو. ڪچي جلد سان ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ 128 صفحا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو